انٽر بورڊ گرلس بيڊمنٽن چيمپئن شپ تقريب منعقد

انٽر بورڊ گرلس بيڊمنٽن چيمپئن شپ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ شهر جي آفيسر ڪلب ۾ پاڪستان انٽر بورڊ گرلس بيڊمنٽن چيمپئن شپ سال 2025ع جي رنگا رنگي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ ڪنٽرولر تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو پروفيسر عبدلجبار جوڻيجو، پرنسپال ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلس ڪاليج نئون ديرو پروفيسر صدوران سولنگي، پرنسپال زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو فھيم احمد سولنگي، وائيس پرنسپال گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو عضمت، پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي پروفيسر اعجاز احمد کوکر، ڊائريڪٽر اسپورٽ لاڙڪاڻو حاجي محمد رمضان جمالي، ڊائريڪٽر اسپورٽ مردان بورڊ محمد صابر، ڊائريڪٽر اسپورٽس مردان بورڊ آسيه، ڊائريڪٽر اسپورٽس شھيد بينظير آباد محمد عامر جمالي، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلس ڪاليج نئون ديرو نيلم کوکر، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خادم حسين گوپانگ، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن انيلا ابڙو، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن مسرت علي ميمڻ، پروفيسر غلام رسول جتوئي، زاھد علي گاڏھي، محمد شريف بروھي سميت مختلف تعليمي ادارن جي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي افتتاحي ميچ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو ۽ تعليمي بورڊ سکر جي وچ ۾ کيڏيو ويو، جيڪو تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو 0-2 تان کٽيو، جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ فيڊرل بورڊ اسلام آباد جي ٽيم تعليمي بورڊ مالاڪنڊ کي 0-2 تان شڪست ڏني، ٽئين ميچ ۾ تعليمي بورڊ لاھور جي ٽيم تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏني، چوٿين ميچ ۾ فيڊرل بورڊ اسلام آباد جي ٽيم تعليمي بورڊ مردان کي 0-2 تان شڪست ڏني، پنجين ميچ ۾ تعليمي بورڊ لاھور تعليمي بورڊ شھيد بينظير آباد کي 0-3 تان شڪست ڏني. هوڏانهن امپائرنگ جون ذميواريون نيلم کوکر، زاھد علي گاڏھي، مسرت علي ميمڻ، محمد شريف بروھي ۽ خادم حسين گوپانگ ادا ڪيون. ٻي پاسي او پي ايف پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگردياڻين طرفان مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو