آئيني ترميم بعدعدليه ڪمزور ٿي وئي آهي، شيخ

آئيني ترميم بعدعدليه ڪمزور ٿي وئي آهي، شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته 27 هين ترميم کان پوءِ، عدليه ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ عوامي حقن کي يرغمال بڻايو ويو آهي. 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن کي مڪمل رد ڪريون ٿا ۽ 1973 جي آئين کي تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪنداسين. زمين جي بندربانٽ کان وٺي ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ تائين، پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سنڌ جي حقن جي سودي ۾ ملوث آهي. ملڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ بدران، خود غرض قيادت شخصي آمريت قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آئيني ترميمن کي استعمال ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي جمهوريت جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان پاران اعلان ڪيل بدلايو نظام تحريڪ ۾ سنڌ صوبو هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو. صوبائي امير پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته اسان 26 هين ۽ 27 هين ترميم خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪنداسين. اسان سچ ڳالهائينداسين جيتوڻيڪ اهو اسٽيبلشمينٽ يا حڪومت کي ڳورو ڇونہ لڳي. صوبائي امير هندستاني دفاع واري وزير جي سنڌ بابت بيان تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هندستاني دفاع وارو وزير خوف جي حالت ۾ آهي. هي پاڪستان ھٿان عبرت ناڪ شڪست جي اثرات جي نشاني آهي. سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ ڪڏهن به ورهائجي يا الڳ نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان آهي ۽ پاڪستان جو حصو رهندي. پاڪستان جي ٺاھڻ جي قرارداد بہ سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو منظور ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي، جنهن تي سنڌ جا ماڻهو فخر ڪن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو