مدرسا پنهنجي نصاب ۾ سائنس ۽ جديد تعليم کي به شامل ڪن

مدرسا پنهنجي نصاب ۾ سائنس ۽ جديد تعليم کي به شامل ڪن

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي مدرسن تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي نصاب ۾ سائنس ۽ هنر کي به شامل ڪن، انهي سان شاگرد جديد دنيا ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا.ڪراچي ۾ جامعته الرشيد جي سالياني اجتماع کي خطاب ڪندي هن چيو ته مدرسن جي شاگردن کي اهو به سيکارڻ گهرجي ته پنهنجي خالق سان تعلق مضبوط ڪيئن ڪيون ۽ انهي جي مخلوقات سان مهرباني ڪيئن ڪريون، ائين ڪرڻ سان اسان معاشري ۾ امن ڀائيچارو ۽ ترقي حاصل ڪري سگهون ٿا.انهي تقريب ۾ ٻين کان علاوه ادارا جا مذهبي اڳواڻ ۽ علمي شخصيتون به موجود هيون، جن ۾ جامعته الرشيد جو سرپرست مفتي عبدالرحيم جامعه الغزالي جو چانسلر، پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر ذيشان احمد، وائس چانسلر مفتي احسان وقار ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي وزير ديني ۽ عصري تعليم کي جوڙڻ لاءِ جامعته الرشيد جي ترقي پسندانه نقطه نظر جي تعريف ڪندي دعوت ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته عالمن کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.هن چيو ته انهي اجلاس جا مقصد انهي ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته فيڪلٽي ۽ عالم قوم جي موجوده چيلنجز ان کان آگاهه آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اها ئي اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. اهڙا عالم تيار ڪرڻ جيڪي نه صرف موجوده مسئلن کان آگاهه هجن پر انهن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت به رکندا هجن.مراد علي شاهه چيو ته اسلامي تاريخ ۾ مدرسا دنيا جي سڀني کان جديد تعليمي ادارا هئا، جيڪي نمايان سائنسدان، مفڪر ۽ مورخ تيار ڪندا هئا، مغرب سائنسي ترقي مسلمانن جي دريافتن ۽ جاچ جي بنياد تي حاصل ڪئي، پر اسان جيڪي انهي علم جا باني هئاسين پوئتي رهجي وياسين.وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته شروعاتي مدرسه نصاب ۾ طب(حڪمت) فلڪيات، نيويگيشن ۽ رياضي جهڙا مضمون شامل هئا جيڪي ديني تعليم سان گڏ ڏنا ويندا هئا جنهن مان فارغ التحصيل هر شعبي جا ماهر بڻجندا هئا.مراد علي شاهه انهي ڳالهه تي خاص خوشي ظاهر ڪئي ته مدرسه ۽ جامعه الغزاني جو هڪ وقت قيام درس نظامي کي جديد تعليم سان جوڙي ٿو. هن بي ايس ۽ ايم ايس ڊگرين سان گڏوگڏ 4 عالمي زبانن(عربي، انگريزي، ترڪ ۽ چيني) ۽ ٽيڪنالاجي ڪورسز جي آڇ جي قدم جي تعريف ڪئي. هن حاضرين کي ياد ڏياريو ته بنيادي سائنسي اصول اصل ۾ مسلمان سائنسدانن قائم ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو