سانگهڙ (ن س (سانگهڙ ۾ هڪ ظالم پٽ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس موجب دل ڏکوئيندڙ واقعو 3 ڏينهن اڳ سانگهڙ جي تعلقي سنجهورو ۾ پيش آيو، جتي هڪ بزرگ عورت جو لاش سندس گهر مان مليو.پوليس جو چوڻ آهي ته پٽ 3 ڏينهن اڳ پنهنجي ماءُ کي تيز اوزار سان قتل ڪيو هو ۽ لاش کي بستري ۾ لڪائي ڇڏيو هو. جڏهن ته، گهر مان بدبوءِ اچڻ کان پوءِ مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب، پٽ ذهني طور تي مستحڪم ناهي، پر وڌيڪ جاچ جاري آهي.










