لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري غيرقانوني طور تي ترسيل افغان پرڏيهي شهرين جي اطلاع ڏيڻ تي روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ غير قانوني طور تي ترسيل افغان ۽ پرڏيهي شهرين جي خلاف آپريشن جاري آهي، غيرقانوني ترسيل افغانين جي اطلاع ڏيندڙن کي روڪ انعام ڏنو ويندو. هن چيو ته ٽن هفتن ۾ 6 هزار 220 افغانين کي واپس اماڻيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڄاڻ ڏيندڙ شهرين جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. ياد رهي ته 2002 کان 2005 جي دوران افغان پناهگيرن جي پهرين وڏي واپسي ٿي، 2001 ۾ طالبان حڪومت جي خاتمي کان پوءِ گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري افغان پناهگيرن جي واپسي جو هڪ رضاڪارانه پروگرام شروع ڪيو.2002 کان 2005 جي وچ ۾ تقريبن 30 لک افغان پناهگير پاڪستان مان واپس افغانستان اماڻيا ويا. 2016 ۾ پاڪستان نيشنل ايڪشن پلان جي تحت افغان پناهگيرن جي وڏي پيماني تي واپسي جو اعلان ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 لک 70 هزار افغان پناهگير واپس افغانستان ويا ۽ 8 لک کي افغان سٽيزن ڪارڊ جاري ڪيو ويو.










