حڪومتي اتحاد ۽ اپوزيشن پارٽين جا ڌار ڌار هنگامي اجلاس طلب

حڪومتي اتحاد ۽ اپوزيشن پارٽين جا ڌار ڌار هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومتي اتحادي ۽ اپوزيشن پارٽين جا ڌار ڌار هنگامي اجلاس ٿيا.رپورٽ موجب پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ وفاقي قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، پيپلز پارٽي جي شيري رحمان جي چيمبر ۾ پهتا. پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ بيرسٽر عقيل افضل به انهي سان گڏ هئا. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٿيل مشاورتي اجلاس کان پوءِ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چيمبر ۾ پهتو. جتي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ به اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. ٻئي طرف وفاقي ڪابينه طرفان 27هين ترميم جي مسودي جي منظوري واري معاملي تي سينيٽ ۾ اپويشن جو هنگامي اجلاس بيرسٽر علي ظفر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ 27هين ترميم جي سلسلي ۾ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ 27هين ترميم کي رد ڪرڻ يا انهي ۾ بهتري جي لاءِ وڌيڪ ترميمن، تجويزون پيش ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ نامزد اپوزيشن اڳواڻ سينيٽ علامه راجا ناصر عباس جعفري، سينيٽر نورالحق قادري، سينيٽر فلڪ ناز چترالي، سينيٽر عباس ۽ ٻيا موجود هئا.جنهن کان پوءِ اپوزيشن ميمبرن سينيٽ چيئرمين سان ملاقات جي لاءِ ويا، جتي بيرسٽر علي ظفر جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري تي زور ڏنو. پي ٽي آءِ وفد طرفان سينيٽ چيئرمين کي اپيل ڪئي وئي ته اوهان کي صحيح ڪري ڏئي ڇڏيو آهي. اپوزيشن اڳواڻ جي مقرر ڪئي وڃي. بيرسٽر علي ظفر چيو ته اپوزيشن جو استحقاق مجروح ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري نه ڪرڻ تي ايوان جي اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو