پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي عهدي جو حلف کڻي ورتو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حلف ورتو، خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي عهدي جو حلف کڻي ورتو آھي، گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر هائوس ۾ حلف ورتو،حلف برداري تقريب ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ پنڊال ۾ موجود هو، جيڪي مسلسل نعرا هڻي رهيا هئا.










