اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم واپسي تي ڳالهين جي عمل جي نگراني جو به اعلان ڪيو آهي.وزيراعظم آزاد ڪشمير جي شهرين کي پرامن رهڻ جي سخت اپيل ڪئي آهي، چيو آهي ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، ۽ احتجاج ڪندڙن کي عوامي امن کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي احتجاج ڪندڙن سان صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، عوامي جذبات جو احترام يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ غير ضروري سختي کان پاسو ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.وزيراعظم احتجاج دوران ٿيندڙ ناخوشگوار واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.هن هدايت ڪئي آهي ته احتجاج کان متاثر خاندانن کي فوري طور تي مدد فراهم ڪئي وڃي.










