اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي دفاعي معاهدو ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف ناهي. هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سعودي بادشاهه جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 17 سيپٽمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪيو، جتي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري سطح تي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ وفدن پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڀائيچاري ۽ تعاون جي هڪ منفرد مثال آهن. پاڪستاني عوام کي ٻن مقدس مسجدن جي سرزمين سان خاص عقيدت آهي. 1960 جي ڏهاڪي کان وٺي، دفاعي تعاون پاڪستان-سعودي لاڳاپن جو مکيه ستون رهيو آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان جي وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عهد هڪ اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو، معاهدي موجب، هڪ ملڪ خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن جي خلاف جارحيت سمجهي ويندي. انهن جو چوڻ آهي ته اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو ڏهاڪن کان هلندڙ مضبوط ڀائيواري کي رسمي شڪل ڏئي ٿو. هي معاهدو خالص طور تي دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف ناهي. هي معاهدو خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.










