اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا. اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته پشاور، اپر دير، لوئر دير، مالاڪنڊ، باجوڙ، نوشهرا، هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ به زلزلو آيو. مانسهرا، ايبٽ آباد، سوات، چارسدا، پارا چنار ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ملتان، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال، تله گنگ، ڪلر ڪهار، چنيوٽ، ڀڪر ۾ به زلزلو آيو. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 ۽ اونهائي 111 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ان جو مرڪز هندوڪش ريجن افغانستان هو. زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا.










