پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جو ضلعو ڪرڪ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردي جي ڇرڪائيندڙ واردات سان گونججي اٿيو. جتي بانڊه دائود شاهه جي علائقي ۾ نامعلوم حملو ڪندڙن پوليس جي گشت تي مقرر گاڏي کي نشانو بنايو. خوفناڪ حملي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او عمر نواز ۽ 2 بهادر ڪانسٽيبل شهيد ٿي ويا. ترجمان ڪرڪ پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو انهي وقت پيش آيو جڏهن ايس ايڇ او عمر نواز پنهنجي ٻن ساٿي اهلڪارن سان گڏ معمول جي گشت تي هو. دهشتگردن پوليس موبائيل تي اوچتو انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ٽئي اهلڪار ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.










