وفاقي حڪومت جو 24 سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت جو 24 سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٽن مرحلن ۾ 24 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي.نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي تفصيل پيش ڪئي آهي.قومي اسيمبلي ۾ عبدالعليم خان پاران پيش ڪيل تفصيل موجب، پهرين هڪ سال ۾ 10 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، پوءِ ايندڙ هڪ کان ٽن سالن ۾ 13 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، ۽ 3 کان 5 سالن جو آخري مرحلو هڪ اداري جي نجڪاري لاءِ هوندو.قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، پهرين مرحلي ۾ قومي ايئر لائن، روزويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي بينڪ جي نجڪاري ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ آئيسڪو سميت 3 ڊسڪوز جي نجڪاري به ڪئي ويندي.عليم خان چيو ته ٻئي مرحلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ چار ڊسڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي. ٻئي مرحلي ۾ ليسڪو سميت 6 ڊسڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو