ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي وانا رستم بازار ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڊي ايس پي عمران الله موجب، ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو پوليس موبائل وين جي ويجهو ٿيو. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وانا ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










