پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير تي حملو ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير اسان جي نڪ ڪٽرائي ڇڏي،جيئن رواج آهي، وڏو وزير ڪارڪنن کي ڇڏي ڀڄي ويو.پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي جي گورنر چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دهشتگردن کي کڻي آيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڪو به صوبو ٻئي رياست سان ڳالهائيندو ناهي، اهو وفاق جو ڪم آهي.










