لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس موجب، اهو واقعو لاهور جي شاهدره علائقي ۾ پيش آيو جتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب چار ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس چيو ته چار ماڻهو هڪ دڪان جي ڇت تي لڳل لوهي بورڊ کي هٽائي رهيا هئا ته اوچتو لوهي بورڊ بجلي جي تارن کي ڇهيو، جنهن سبب سندن موت واقع ٿيو، پوليس چيو ته چئن ماڻهن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.










