اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پارلياماني نظام ۾ سڀني کان وڏو عهدو وزيراعظم جو هجڻ جي باوجود انهي جي پگهار ماتحت وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن جي مقابلي ۾ اڌ کان به گهٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار جي مقابلي ۾ وزيراعظم جي عهدي جي پگهار نه هجڻ جي برابر آهي. هن وقت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار 13 لک روپيه جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار تازو اضافي کان پوءِ 5 لک 19 هزار روپيه ٿي وئي آهي.انهي جي مقابلي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي جي پگهار تقريبن 2 لک روپيه بڻجي ٿي جڏهن ته وزيراعظم تاحيات سيڪيورٽي، ٽيڪسز ۾ ڇوٽ ۽ عهدو ڇڏڻ تي پينشن يا مالي فائدن جو به مستحق نه آهي. ذريعن ٻڌايو ته موجوده وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي عهدي جي پگهار به نه وٺي رهيو آهي.تازو ئي سينيٽ ۾ ڪابينه ڊويزن طرفان پيش ڪيل وزيراعظم پاڪستان کي ملندڙ پگهار، الائونسز، مراعتون ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ جي سهولتن جي تفصيلن ۾ انڪشاف ٿيو. تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي عهدي جي بنيادي پگهار 107280 روپيه آهي جڏهن ته ٻين الائونس کي ملايو وڃي ته اها پگهار تقريبن 2 لک روپيه بڻجي ٿي.










