راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو .اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سندس ٻئي پٽ قاسم ۽ سليمان پاڪستان نه ايندا، هو ڪنهن به احتجاجي تحريڪ ۾ شرڪت نه ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن احتجاجي مهم جي قيادت ڪندا.










