اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي بجاءِ اليڪٽرڪ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت هڪ لک 16 هزار موٽر سائيڪلون 2 سالن جي قسط تي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن جي لاءِ قسط ۽ سبسڊي اسڪيم تياري جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، وزيراعظم شهباز شريف يوم آزادي تي نئين اي وي پاليسي اسڪيمن جو اعلان به ڪندو.اسٽيٽ بينڪ ۽ بينڪ ايسوسيئيشن طرفان اسڪيم تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي تحت في اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ رڪشه تي 50 هزار جي سبسڊي ڏني ويندي، اسڪيم جي تحت اهليت جي لاءِ عمر جي حد 18 کان 65 سالن تائين هوندي. في اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل جي قيمت 2 لک 50 هزار روپين تائين مقرر ڪرڻ جو اندازو آهي، جڏهن ته 50 هزار جي سبسڊي ۽ بقايا 2 لک کان وڌيڪ جي رقم قسطن ۾ ادا ڪرڻي پوندي.ذريعن وجب 18 ڪمپنيون اليڪٽرڪ بائيڪس ٺاهڻ جي لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديون، پاليسي جي تحت 2030 تائين 30 سيڪڙو اليڪٽرڪ وهيڪلز جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. اي وي پاليسي جي ڪاميابي لاءِ 5 سالن ۾ 10 ارب جي سبسڊي ڏني ويندي.هلندڙ مالي سال جي لاءِ 9 ارب، 2027 جي لاءِ 19 ارب، سال 2028 ۾ 24 ارب کان وڌيڪ ۽ سال 2029 ۾ 26 ارب کان وڌيڪ سبسڊي مقرر هوندي، سال 2030 ۾ سبسڊي جي مد ۾ تقريبن 23 ارب مقرر هوندا.سال 2030 تائين 22 لک 13 هزار اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، پاليسي جي تحت سال 2040 تائين 90 سيڪڙو اليڪٽرڪ گاڏين جي حدف جو اندازو آهي. زيرو ايمشن وهيڪل فليٽ 100 سيڪڙو تائين مڪمل حاصل ڪرڻ جو مدو 2060 تائين هوندو.اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي کي هٿي ڏيڻ سان درآمدي فيول جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته ماحول دوست اليڪٽرڪ گاڏين سان ماحولياتي آلودگي جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو.










