اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن خلاف پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطينين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان فلسطينين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف آواز بلند ڪندو رهندو، غزه ۾ کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي بحال ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو، ۽ پاڪستان صيهوني ظلم جو شڪار بي وس فلسطينين کي سفارتي ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪندو رهندو. ان کان علاوه، وزيراعظم الخدمت فائونڊيشن جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته الخدمت فائونڊيشن ملڪ گير مهم هلائي غزه تائين امدادي سامان جي پهچائڻ کي به يقيني بڻايو آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته فلسطيني اڳواڻن ساڻس رابطو ڪيو آهي ۽ وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته جنگ بندي ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪن.










