باني جي آزاديءَ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين

باني جي آزاديءَ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته هو باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندو.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ تحريڪ جون تياريون سڄي ملڪ ۾ زور شور سان جاري آهن، صوبي ۾ ورڪر ڪنوينشن ۽ ڪارنر ميٽنگون منعقد ڪيون پيون وڃن.بئريسٽر سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي سزا هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڏني پئي وڃي، پي ٽي آءِ جي قيادت کي ڪوڙن ڪيسن ۾ سزائون ڏنيون ويون آهن.هن چيو ته اهي سزائون ملڻ پي ٽي آءِ جي باني کي آزادي ڏيڻ جي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، سزائون ملڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت تحريڪ کان تمام گهڻي ڊڄي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو