اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 9 مئي کان پوءِ پريس ڪانفرنسون ڪندڙ ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيڻ صحيح ناهي. باني پي ٽي آءِ مرزا آفريدي جو نالو فائنل ڪيو هو. هن پارٽي خلاف ڪو به بيان نه ڏنو آهي. هو هميشه پارٽي بيانيه ۽ پارٽي مفادن ۾ اسان سان گڏ رهيو آهي.اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون خوش اسلوبي سان ٿيون. پي ٽي آءِ اڳ ئي سينيٽ چونڊن لاءِ سڀني نالن کي فائنل ڪري چڪي هئي.بئريسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ سان صلاح ڪرڻ کانسواءِ هڪ به نالو نه رکيو ويو. خيبرپختونخواهه سينيٽ چونڊن جو معاملو مارچ 2024 ۾ فائنل ڪيو ويو.هن چيو ته مخصوص سيٽن جي ڪري خيبرپختونخواهه سينيٽ چونڊن جي معاملي ۾ وقفو آيو. جڏهن مخصوص سيٽن تي فيصلو ڪيو ويو ته اهو لڳي رهيو هو ته اسان کي ايتريون سيٽون نه ملنديون جيتريون اسان کي ملي رهيون آهن. پي ٽي آءِ کي ڇهه سيٽون مليون.بئريسٽر گوهر چيو ته 2 سال ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ڏکيائيون ختم ٿيڻ گهرجن، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات بابت عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، باني سان آخري ملاقات بئريسٽر سيف سان ٿي هئي، پوءِ ڀينرن ملاقات ڪئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت ناهي، ماڻهو پاڻ ٻاهر نڪرندا آهن، باني پي ٽي آءِ پاڻ جيل مان احتجاج جي اڳواڻي ڪندو.










