پشاور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پنجن مان چار ناراض اڳواڻن سينيٽ چونڊن کان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ناراض سينيٽ اميدوارن ۾ عرفان سليم، عائشه بانو، ارشاد حسين ۽ وقاص اورڪزئي استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ اميدوار خرم ذيشان اليڪشن تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي ناراض سينيٽ اڳواڻ ارشاد حسين اليڪشن ڪميشن کي خط لکي سندس نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ارشاد حسين چيو ته هي فيصلو پي ٽي آءِ جي باني ۽ پارٽي قيادت جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. ارشاد حسين چيو ته مون ڪي پي سينيٽ اليڪشن ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، مان اليڪشن نه ٿو وڙهڻ چاهيان، تنهن ڪري منهنجو نالو سينيٽ اليڪشن مان ڪڍيو وڃي. ان کان علاوه، وقاص اورڪزئي پڻ سينيٽ چونڊن مان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. وقاص اورڪزئي چيو ته ڪاغذ واپس وٺڻ جو مقصد پنهنجي نظريي کان پوئتي هٽڻ نه هو. بئريسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا يقين ڏياريو ته نالا باني پي ٽي آءِ پاران فائنل ڪيا ويا هئا.










