ڪوهستان اسڪينڊل، مک ڪردار،سرڪاري آفيسرن سميت  6 ڄڻا گرفتار

ڪوهستان اسڪينڊل، مک ڪردار،سرڪاري آفيسرن سميت 6 ڄڻا گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪوهستان جي 40 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ 8 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ 2 سرڪاري آفيسر، 2 بينڪر ۽ 4 ٺيڪيدار شامل آهن.جعلي چيڪن جي منظوري ۽ دستخط، جعلي تعميراتي فرمون، بي ضابطگين ۾ اي جي آفيس جي آفيسرن جي شموليت، بينڪ جي سهولتڪاري ثابت ٿي، صوبي جي سڀ کان وڏي مالي بدعنواني ميگا اسڪينڊل جي جاچ کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي، ۽ اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جي اميد آهي.گرفتار ٿيلن ۾ شفيق الرحمان قريشي (ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر)، محمد رياض (اڳوڻو ڪيشيئر بينڪ ۽ ڊمي ٺيڪيدار)، فضل حسين (آڊيٽر، اي جي آفيس پشاور)، طاهر تنوير (اڳوڻو مئنيجر بينڪ)، دراج خان (ٺيڪيدار)، عامر سعيد (ٺيڪيدار)، صوبيدار (ٺيڪيدار) ۽ محمد ايوب (ٺيڪيدار) شامل آهن. جوابدارن تي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس (سي اينڊ ڊبليو) کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان جعلي بلنگ، مالي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ذريعي اربين رپين جي غبن ۽ بي نامي اڪائونٽس ۽ جعلي فرمز ذريعي فنڊ منتقل ڪرڻ جو الزام آهي.صوبي جي سڀ کان وڏي مالي بدعنواني ميگا اسڪينڊل جي جاچ کي وڌيڪ وڌايو ويو آهي ۽ اسڪينڊل ۾ وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جي اميد آهي.سرڪاري دستاويزن مان ظاهر ٿيو آهي ته شفيق الرحمان قريشي (ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر) اپر ڪوهستان ۾ جعلي ترقياتي منصوبن لاءِ بجيٽ هيڊ G-10113 تحت جعلي خزاني چيڪن جي منظوري ۽ دستخط ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو