پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ جون چونڊون بنا مقابلي ٿينديون. پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي پارلياماني ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي جي پراڻن نالن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.جمعي ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان پاران سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن کي پارلياماني ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي پاران منظور ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي اعلان موجب مراد سعيد، فيصل جاويد، مرزا خان آفريدي، پير نورالحق قادري پي ٽي آءِ جي جنرل سيٽ لاءِ اميدوار هوندا، جڏهن ته روبينا ناز عورتن جي سيٽ لاءِ اميدوار هوندي ۽ اعظم خان سواتي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ اميدوار هوندي.ان کان علاوه، مشعال يوسفزئي ثانيه نشتر جي خالي ڪيل سيٽ لاءِ اميدوار هوندي. سياسي ڪميٽي موجب، ناراض سينيٽ اميدوارن به پنهنجا ڪاغذ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










