خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس 20 جولاءِ تي طلب

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس 20 جولاءِ تي طلب

پشاور: (ويب ڊيسڪ) 20 جولاءِ تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب صوبائي اسيمبلي جو اجلاس مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن کان حلف وٺڻ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. 20 جولاءِ جي صبح 9 وڳي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو. ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.گورنر هائوس جي ترجمان موجب صوبائي اسيمبلي جو اجلاس مخصوص سيٽن تي نامزد ميمبرن کان حلف وٺڻ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. گورنر سيڪريٽريٽ طرفان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي سپريم ڪورٽ جي اختيارين ۽ اليڪشن ڪميشن جي خط جي روشني ۾ اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري اماڻڻ جو چيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو