ايف سي کي ملڪ ۾ آپريشن جا اختيار ملي ويا، آرڊيننس جاري

ايف سي کي ملڪ ۾ آپريشن جا اختيار ملي ويا، آرڊيننس جاري

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.قانون ۽ انصاف ڊويزن ايف سي جي فيڊرل فورس ۾ تبديلي جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ري آرگنائيزيشن آرڊيننس 2025 جاري ڪيو آهي. آرڊيننس موجب، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري کي هاڻي فيڊرل ڪانسٽيبلري سڏيو ويندو.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي حوالي سان ضابطا ٺاهيا ويندا، ۽ هر ڊويزن ۾ هڪ ونگ ڪمانڊر مقرر ڪيو ويندو. ملڪ ۾ ايف سي جي دائري اختيار کي وڌائڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو پيو وڃي. آرڊيننس ايف سي ايڪٽ 1915 ۾ ترميمن جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي. فيڊرل ڪانسٽيبلري کي چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار هوندو. ايف سي کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار به هوندو. آرڊيننس موجب، آءِ جي ايف سي جي مقرري وفاقي حڪومت ڪندي، جڏهن ته ڊويزنل ونگ ڪمانڊر جو عهدو ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جي برابر هوندو. وفاقي حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ فيڊرل ريزرو فورس کي ڀرتي ڪري سگهندي. اعلان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فيڊرل ڪانسٽيبلري فسادن جي ڪنٽرول، اندروني سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ تحفظ جي ذميوار هوندي. فيڊرل ڪانسٽيبلري ۾ هڪ سيڪيورٽي ڊويزن ۽ ٻيو فيڊرل ريزرو ڊويزن هوندو. ڀرتي لاءِ ملڪ بھر ۾ آفيسون قائم ڪيون وينديون. تنظيم سازي جي فريم ورڪ تحت، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي ڪمانڊ پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن جي هٿ ۾ هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو