سينيٽ چونڊن بابت مولانا سان ڪنھن رابطو ناھي ڪيو،ترجمان

سينيٽ چونڊن بابت مولانا سان ڪنھن رابطو ناھي ڪيو،ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام خيبر پختونخواهه جي ترجمان مولانا عبدالجليل جان واضح ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊن بابت اڃا تائين ڪنهن به پارٽي مولانا فضل الرحمان سان رابطو نه ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾، جي يو آءِ جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڪا به پارٽي ساڻس رابطو ڪري ٿي ته جي يو آءِ جا دروازا کليل آهن.جي يو آءِ خيبر پختونخواهه جي ترجمان عبدالجليل جان اهو به چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اسان وٽ اچي رهيا آهن، پر جنرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل پي ٽي آءِ سان اتحاد جي منظوري نه ڏني آهي.ٻئي طرف، خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ وفد مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ خيبر پختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو