عدت ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ جي بريت خلاف اپيل داخل

عدت ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ جي بريت خلاف اپيل داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خاور مانيڪا عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني کي ڌر بنايو ويو آهي جنهن ۾ خاور مانيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.اپيل ۾ چيو آهي ته 13 جولاءِ جي بريت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي 3 فيبروري جو جوڊيشل مئجسٽريٽ جي سزا جو فيصلو بحال ڪيو وڃي. 13 جولاءِ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو