پارليمينٽ ميمبر پنهنجي تڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائن

پارليمينٽ ميمبر پنهنجي تڪ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ ميمبرن کي پنهنجي تڪ چونڊ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايتون جاري ڪيون ته پارليامينٽ ميمبر پنهنجي تڪ چونڊ جي سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائن، حڪومت اهڙي پاليسي جوڙي جنهن سان وارڊ کان وٺي پارليمينٽرين تائين چونڊيل ميمبر پنهنجي گهرڀاتين جو پنهنجي تڪ جي سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائن، عدالتي حڪمن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن جي خراج حالت اهڙي نموني ٺيڪ ٿي ويندي، چونڊيل ميمبر رڳو ڪينسر يا خطرناڪ بيماري جي علاج لاءِ پنهنجي علائقي کان ٻاهر علاج ڪرائن. فيصلي مطابق شهرين کي طبي سهولتون فراهم نه ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 9 جي ڀڃڪڙي آهي، صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن کي هر صورت ۾ طبي سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي، چيف سيڪريٽري صحت واري سيڪريٽري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو