اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف داخل اپيل جي جواب ۾ چيف جسٽس کي پنهنجي خلاف ڪيس نه ٻڌڻ جي درخواست ڪئي آهي.عمران خان نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي لکت ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن انٽرا ڪورٽ اپيلون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.پنهنجي لکت واري جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪنهن جي ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ قانونن ۾ ترميمون جمهوريت ۾ به نه ٿيون ٿين، ڪرپشن جا معيشت تي تباهي ۽ ناڪاري اثر پون ٿا.ٻڌڻي دوران جسٽس اطهرمن الله چيو ته ترميمن سان توهان کي به فائدو ٿيندو پر منهنجو موقف واضح آهي ته اهو منهنجو نه پر ملڪ جو آهي.لکت واري جواب ۾ پي ٽي آءِ باني چيو ته پارليامينٽ کي آئين موجب قانون سازي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن نيب پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪري ته ان کي روڪڻ جي حد تائين ترميمون ڪرڻ گهرجن، اختيارن جي غلط استعمال جو هڪ مثال منهنجي خلاف نيب جو توشه خانو ڪيس آهي.نيب ٻڌايو ته 1.8 ملين رپين جي هار جي قيمت 3.18 ارب رپيا آهي ته منهنجي خلاف ڪيس ٺاهيو وڃي.پنهنجي جواب ۾ عمران خان چيو ته ماضي ۾ ڪرپشن ڪندڙن قانون ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي ڍال طور استعمال ڪيو، ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ جيڪي ترميمون ڪيون ويون انهن قانون تان عوام جو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي. قانون هڪ فرد لاءِ نه پر عوام لاءِ هجڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ کي حقيقتن کان اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن.پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته ماضي جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي منهنجو ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي.










