اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مدوخيل رمارڪس ڏنا ته جنهن جاءِ تي قائداعظم گذريل ڏينهن گذاريا، ان کي باهه ڏني وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته 5 هفتن کان جوابدارن سان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي، وڪيل لطيف کوسا چيو ته جوابدارن کي خراب حالتن ۾ رکيو ويو آهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ملاقات نه ٿئي ته ڪيئن خبر پوي ته ان کي خراب حالتن ۾ رکيو ويو آهي جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته جيڪي اڳ ۾ مليا انهن چيو ته سندن هٿ بند هئا،ان موقعي تي حفيظ الله نيازي عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ سان آخري ملاقات هن عدالت جي مهربانيءَ سان ٿي هئي.جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوابدارن جي اهڙي تصوير پيش ڪئي وئي آهي ته اها غلط آهي، بهتر هوندو ته ڪيس هلايو وڃي ۽ فيصلو ڪيو وڃي.حفيظ الله نيازي چيو ته منهنجي پٽ جي حوالي سان مختلف درخواست آهي، مهرباني ڪري نمبر لڳرائي ڏيو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هن وقت اپيل جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، جسٽس امين الدين رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان جي درخواست منظور ٿي وڃي ته خبر ناهي ڪيتريون درخواستون اينديون، اصل ڪيس رهجي ويندو،ان دوران حفيظ الله نيازي پاڪستان جو آئين هٿ ۾ کڻندي چيو ته منهنجو پٽ 11 مهينن کان جسماني رمانڊ تي آهي، ٻڌايو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي؟بعد ۾ اٽارني جنرل روسٽرم تي آيو، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن جي گهرڀاتين سان ملاقات جو معاملو حل ٿي ويو آهي،حيرت جي ڳالهه آهي ته ملاقاتون نه ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن اسان جي اپيل منظور ٿي وڃي ته جوابدار فيصلن خلاف اپيل ڪري سگهندا، جوابدار فوجي عدالتن کان علاوه هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ به اچي سگهندا.جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جنهن جاءِ تي جناح صاحب پنهنجا آخري ڏينهن گذاريا، ان جاءِ کي باهه ڏني وئي.جسٽس جمال خان مندوخيل فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندڙ ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان متوازي عدليه چاهيو ٿا؟ اسان عدليه لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي.جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏنا ته جسٽس منصور علي شاهه جو فيصلو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس ۾ آهي، ٻڌايو ته ان فيصلي جي روشني ۾ اپيل جو دائرو ڇا آهي؟ ڇا اسان صوبن کي اهڙي اپيل ۾ ٻڌي سگهون ٿا؟ جناب حامد خان، توهان جي پارٽي ٿيڻ جي درخواست ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿي؟










