حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ۾ کير وڪرو ڪندڙن کير جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان ڊيري مالڪن جو چوڻ آهي ته اڄ کان کير 220 رپيا في ليٽر وڪرو ڪيو ويندو، ڊيري مالڪن کي کير جو في ليٽر 14 رپيا ادا ڪري رهيا آهن.ضلعي انتظاميا موجب کير جو سرڪاري اگهه 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، کير جي اگهه ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي.انتظاميا جو اهو به چوڻ آهي ته کير 200 رپيا اضافي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










