عمران ۽ شاهه محمود  ٽوڙ ڦوڙ جي 2 ڪيسن مان بري ٿي ويو

عمران ۽ شاهه محمود ٽوڙ ڦوڙ جي 2 ڪيسن مان بري ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني شاهه محمود قريشي ۽ شاهه محمود قريشي کي لانگ مارچ جي 2 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ احتشام عالم پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جي بريت واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ اسد عمر، علي محمد خان ۽ مراد سعيد کي به بري ڪري ڇڏيو.اسد عمر ۽ علي محمد خان عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ حاضري ورتي.واضح رهي ته گولاڙچي ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو