لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ رٽائرڊ ججن جي مقرري بابت صدارتي آرڊيننس خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا شهري مشکور حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪئي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ قانون واري وزارت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صدارتي آرڊيننس بدديانتي تي ٻڌل آهي، ٽربيونل جي مقرري بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي، آرڊيننس اليڪشن 2024 تي لاڳو نٿو ٿي سگهي.درخواستگذار طرفان استدعا ڪئي وئي ته عدالت صدارتي آرڊيننس کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏئي.عدالت درخواستگذار کي تياري لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










