چونڊ نشان واپس وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار چئلينج

چونڊ نشان واپس وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو اختيار چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) اليڪشن ڪميشن جو چونڊ نشان واپس وٺڻ جو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي چونڊ نشان واپس وٺڻ جي اختيار کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 17 جي شق 2 تحت ڪنهن به سياسي پارٽي کي اليڪشن وڙهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، عام چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس وٺڻ اليڪشن ڪميشن جو غيرقانوني قدم هو.درخواست ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن خلاف اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو