عدت ڪيس جو فيصلو نه آيو، خاور مانيڪا کي ڪٽڪو

عدت ڪيس جو فيصلو نه آيو، خاور مانيڪا کي ڪٽڪو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ شاهه رخ ارجمند پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي جي نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ بنا روانو ٿي ويو. خاور مانيڪا جيئن ئي عدالت کان ٻاهر نڪتو ته ڪارا ڪوٽ پاتل اڻڄاتل ماڻهن مٿس حملو ڪيو، کيس مڪون هڻي ڌڪا ڏئي هيٺ ڪيرايو ويو. سيشن جج شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ شادي ڪيس ۾ سزا خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.ان کان اڳ جڏهن ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جج شاهه رخ ارجمند پڇاڻو ڪيو ته سرڪاري پراسيڪيوٽر رضوان عباسي آيو آهي يا نه؟ جنهن تي معاون وڪيل چيو ته رضوان عباسي سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪجهه وقت ڏيو.سيشن جج شاهه رخ ارجمند رمارڪس ڏنا ته رضوان عباسي کي 9 وڳي اچڻ گهرجي ها، جنهن تي معاون وڪيل چيو ته رضوان عباسي دليل ڏيڻ چاهي ٿو پر کيس سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته رضوان عباسي ڪيتري دير ۾ ايندو؟ ۽ پوءِ جج کين 10:30 تائين پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، رضوان عباسي مقرر وقت تي به عدالت نه پهتو، جنهن تي سيشن جج شاهه رخ ارجمند چيو ته رضوان عباسي سان صلاح ڪريو ۽ ٻڌايو ته توهان ڇا ٿا چاهيو.خاورمانيڪا جي معاون وڪيل سيشن جج سان ڳالهايو ۽ چيو ته اسان جو ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته بي اعتمادي واري رٿ رد ٿي چڪي آهي، پنهنجي وڪيل کي ٻڌايو ته ڇا چوڻو آهي.خاورمانيڪا سيشن جج سان ڳالهائيندي چيو ته مان نه ٿو چاهيان ته توهان هن ڪيس جو فيصلو ڪيو، ان جو سبب ڇا آهي؟ بار بار بي اعتمادي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو مضبوط سبب آهي ته ٻڌايو، ڪنهن جج کي ڪيس جو فيصلو ڪرڻو آهي يا نه؟جڏهن عدالت ۾ شور ٿيو ته جج شاهه رخ ارجمند اٿيو ۽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کانسواءِ چيمبر ۾ هليو ويو.بعد ۾ سيشن جج شاهه رخ ارجمند اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، خاور مانيڪا مون تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي درخواست رد ڪئي هئي.جج شاهه رخ ارجمند خط ۾ لکيو ته خاورمانيڪا جي بي اعتمادي جي اپيل تي فيصلو ڏيڻ درست نه هوندو، اپيل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست آهي، خاورمانيڪا ۽ سندس وڪيلن هميشه ٻڌڻي ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو