ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس داخل دفتر ڪيو ويو آهي،بينڪنگ ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.صدر آصف علي زرداري جي وڪيل چيو ته جيستائين آصف زرداري صدر آهي تيستائين سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، جنهن تي عدالت چيو ته جيستائين آصف زرداري صدر آهي تيستائين سندس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي.فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش نه ٿي ۽ سندس طرفان درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فريال ٽالپر اسيمبلي اجلاس ۾ مصروف آهي ان ڪري استثنيٰ ڏني وڃي.عدالت صدر آصف علي زرداري خلاف ڪيس داخل دفتر ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










