ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد

ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد

لاهور )(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ راڻا ارشد جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.عدالت 15 مئي تي محمد عاطف جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي سندس اپيل منظور ڪندي رانا ارشد جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو هو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم محمد عاطف جي درخواست تي اڄ لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 95 جي شق 6 کي استعمال نٿو ڪري سگهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته رٽرننگ آفيسر ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ کان انڪار ڪيو هو، ريٽرننگ آفيسر فارم 47 جاري ڪري فارم 49 لاءِ سفارشون موڪلي ڇڏيون هيون.عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن اليڪشن جي سيڪشن 95 جي شق 6 استعمال نٿي ڪري سگهي.لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 9 اپريل تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ڪالعدم آهي.فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته راڻا ارشد جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ فتح جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موجب عدالت اليڪشن ڪميشن جي اختيار ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو