اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) اپنائڻ سان عدالتي عمل تيز ٿي سگهي ٿو.اها ڳالهه سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه آمريڪا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چئي.هن پنهنجي خطاب دوران ڪيسن ۾ لڳل وقت کي گهٽائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڏنو.جسٽس منصور علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪيسن جي ڊگهي مدي سان ڪيترائي نتيجا بي اثر ٿين ٿا.ان موقعي تي هن عدالتي سڌارن تي به زور ڏنو.جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ چيو ته موجوده نظام جو دارومدار ماڻهن تي آهي.هن اهو به چيو آهي ته موجوده نظام ۾ چيف جسٽس تي غير ضروري بار آهي.واضح رهي ته جسٽس منصور علي شاهه اڄڪلهه آمريڪا جي دوري تي آهي.










