اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو.جواب ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت يا رهائش اختيار ڪرڻ نااهلي ناهي، جڏهن وڪيل هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجي وڃي ٿو ته ان کان ٻٽي شهريت جي ڄاڻ نه ورتي وڃي ٿي.جواب ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس اطهر من الله اها ڳالهه 6 ججن جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ ڪئي، جسٽس اطهر من الله چيو ته جسٽس بابر ستار جي گرين ڪارڊ واري معاملي تي جڊيشل ڪائونسل ۾ بحث ڪيو ويو.جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل بحث کانپوءِ جسٽس بابر ستار کي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، هي عدالت جڊيشل ڪميشن جي بحث جو رڪارڊ نٿو رکي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي پريس رليز ۾ واضح ڪيو ويو ته جسٽس بابر ستار ٻڌايو هو ته وٽس گرين ڪارڊ آهي.










