ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2017ع کان گم ٿيل شهري سميت ٻين شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي وارثن عدالت کي ٻڌايو ته سندس پيءُ پٽ جي گمشدگي جي غم ۾ فوت ٿي ويو آهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته شهري جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته شهري جي بازيابي لاءِ 16 جي آءِ ٽي ۽ 17 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿيا، جي آءِ ٽي ۾ جبري گمشدگي جو تعين ڪيو ويو آهي.دفاع واري وزارت طرفان به رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ حڪومت شهري جي خاندان جي مالي مدد ڪئي؟جاچ آفيسر جواب ڏنو ته سنڌ حڪومت کي مالي مدد لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.سپريم ڪورٽ شهري جي خاندان کي فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن کي ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










