اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي سندس مرضي موجب طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پرويز الاهي کي اسپتال منتقل ڪرڻ يا گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پرويز الاهي جي عمر 78 سال آهي، علاج بابت معاملو به ڏسندا.عدالت چيو ته گهرو وزارت 15 ڏينهن ۾ پرويز الاهي جي گهر ۾ نظربندي جو عمل مڪمل ڪري.










