پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم هاءِ ڪورٽ جي مستقل ٿيل ٽن ججز کان حلف وٺي ڇڏيو. حلف برداري جي تقريب ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ججز، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.جسٽس فضل سبحان، جسٽس شاهد خان ۽ جسٽس خورشيد اقبال حلف کنيو، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.










