اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري اپوزيشن جي گوڙ ۽ شور شرابي ۾ بطور ميمبر قومي اسمبلي حلف کڻي ورتو ۽ رول آف ميمبرز تي به صحيح ڪري ورتي، کيس اسپيڪر اياز صادق حلف کڻايو. ان دوران اپوزيشن هل هنگامو جاري هو ۽ سيد نويد قمرچيو ته اڄ اپوزيشن واري وڏي بدتمڳزي ڪئي آهي ۽ پارلياماني روايتن جي سنگين خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. ان دوران پي ٽي آءِ پاران ڪورم نا مڪمل هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي. اسپيڪرچيو ته هي سيشن اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي گهرايو ويو آهي اوهان ڪيئن ٿا ڪورم جي نشاندهي ڪريو. ان دوران حڪومتي بئنچن جا به ڪجهه ميمبر ٻاهر هليا ويا. ڳڻپ ٿي ته 64 ميمبر موجود هئا. قانون موجب ڪل ميمبرن جو چوثو حصو يعني 84 ميمبرن جو هجڻ ضروري هو، نامڪمل ڪورم هجڻ ڪري اجلاس جي ڪاروائي سومر جي شام تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻئي پاسي ڪراچي مان نمائندي موجب آصفه ڀٽو جي اين اي 207 تي بنا مقابلي ڪاميابي کي سندس مخالف اميدوار چئلينج ڪيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين اي 207 تي پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا اميدوار غلام مصطفيٰ رند درخواست داخل ڪرائي ڇڏي درخواست ۾ آصفه ڀٽو زرداري سميت اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، آصفه ڀٽو جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته اين اي 207 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ کان اڳ ڪوڙي بل ذريعي منهنجا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو آھي درخواستگذار موجب اميد ته نامزدگي فارم بحال ٿيندو، اين اي 207 تي ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي










