پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم عهدي جو حلف کڻي ورتو.سينيئر جج جسٽس اعجاز انور وقتي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ اشتياق ابراهيم کان حلف ورتو.پشاور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس محمد ابراهيم خان (آخري ڏينهن) 14 اپريل تي رٽائر ٿي ويو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم جو تعلق پشاور سان آهي.هن 1992ع ۾ خيبر لا ڪاليج پشاور مان ايل ايل بي ڪئي.وقتي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم 1999ع کان 2000ع تائين اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل رهيو.2008ع کان 2010ع تائين ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي جي عهدي تي پڻ رهيو.










