ججز خط معاملو تي جوڙيل بينچ کان جسٽس يحيٰ   ڌار ٿي ويو

ججز خط معاملو تي جوڙيل بينچ کان جسٽس يحيٰ ڌار ٿي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪرٽ جي بينچ کان جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ طرفان ججز جي خط جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس پهرين ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي.جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کان ڌار ڪرڻ سان گڏ اضافي نوٽ به لکيو آهي.فاضل جج پنهنجي نوٽ ۾ لکيو آهي ته هاءِ ڪورٽس آئين جي تحت آزاد عدالتون آهن. آرٽيڪل 3/184 هاءِ ڪورٽس جي آزادي تي استعمال نه ٿيڻ گهرجي.پاڻمرادو نوٽيس سٺي نيت سان ورتو ويو پر پاڻمرادو نوٽيس سان هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي چيف جسٽس جي آزادي کي نقصان پهچي سگهي ٿو.جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته 6 ججز کي خط ۾ اٿاريل معاملا سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ضابطه اخلاق ۾ ڏسڻ گهرجن. ماڻ پنهنجو پاڻ کي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي بينچ کان ڌار ڪريان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو