راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني ترجمان عمير نيازي ريٽرننگ آفيسر جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.اپيليٽ ٽربيونل پاران عمير نيازي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.اپيليٽ ٽربيونل ۾ جسٽس مرزا وقاص رئوف ۽ جسٽس چوڌري عبدالعزيز شامل آهن.ٻڌڻي دوران عمير نيازي جا وڪيل اپيليٽ ٽربيونل ۾ پيش ٿيا.اليڪشن اپيليٽ ٽربيونل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










