اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ان ڪيمرا ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس ميان گل حسن پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟ ان تي وڪيل عثمان گل چيو ته ڳالهه اها آهي ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان اڳ قانوني عمل مڪمل نه ڪيو ويو، جج جو نوٽيفڪيشن پهرين ڊسمبر تي ٻڌايو ويو ۽ ٽرائل روزاني بنيادن تي هلي رهيو آهي،عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪيترين شاهدن جا بيان مڪمل ٿي چڪا آهن؟ وڪيل چيو ته ڪل 27 شاهدن مان 25 جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن ۽ ٽن ڄڻن تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي،ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل سائفر ٽرائل تي حڪم نامو جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي چيو ته پهريان نوٽيس جاري ڪنداسين،عدالت سائفر ڪيس ۾ فرد جرم خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي عمران خان جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا ضروري دستاويز پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي،ٻڌڻي دوران عدالت ان ڪئميرا ٽرائل تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته اوپن ٽرائل جو مطلب آهي اوپن جنهن ۾ ميڊيا ۽ عوام کي اچڻ جي اجازت هجي.عدالت چيو ته ان ڪيمرا ٽرائل جي حوالي سان عدالت واضح حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيل ٽرائل جو مطلب ان ڪيمرا ناهي پر اهو اوپن ٽرائل به ٿي سگهي ٿو، ان کي رڳو خاندان ۽ چند ماڻهن سان گڏ اوپن ٽرائل نٿو چئي سگهجي،عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت چيو ته ڪيس ۾ رڪارڊ ڪيل شاهدن جا بيان قانوني سوال آهن، جن تي عدالت 11 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي.










