اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ عام چونڊن کانپوءِ تڪ بندين بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته چونڊن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ تڪ بندين بابت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ان حڪم سان سمورن درخواستگذارن جي اپيلن تي اثر نه پوندو، تڪ بندين بابت اپيلن تي عام چونڊن کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري عمر حميد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.اليڪشن ڪميشن واپسي وارو نوٽيفڪيشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.جسٽس اطهر من الله چيو ته نقشا ڏسڻ جو ڪم هاءِ ڪورٽ جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو آهي، اهو توهان جو اڪيلو مسئلو ناهي، هر حلقي ۾ مسئلو هوندو، جيڪڏهن اهو ڪم هڪ حلقي ۾ ڪيو وڃي ته هرڪو ٿيندو. پارٽي پنهنجي مرضي مطابق تڪ بنديون چاهي ٿي، اسان چونڊن ۾ دير جو ڪو به موقعو وٺڻ نٿا چاهيون.وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود چيو آهي ته ائين ڪرڻ سان چونڊ معاملا مڪمل طور تي پٽڙي تان لهي سگهن ٿا.جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون هجن ها ته مداخلت نه ڪن ها، عدالت اهڙو لائحه عمل جوڙي رهي آهي جنهن سان ڪنهن جي حقن کي نقصان نه پهچي، هاڻي عام چونڊن کانپوءِ معاملو ٻيهر اٿارينداسين. عدالت درخواستگذارن جي حقن جو تحفظ ڪري رهي آهي.










