ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.گم ٿيل شهري جي والد عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ عبدالله صديقي 6 سالن کان گم آهي.گم ٿيل شهري جي پيءُ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي جسٽس نعمت الله پوليس آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري جي حوالي سان ڪيتري جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي؟،پوليس سربراهه عدالت کي ٻڌايو ته 16 جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن،پوليس 9 سالن کان گم ٿيل رياست الله بابت پيش رفت رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ۽ چيو ته رياست الله جو ڪيس جبري گمشدگي جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي،هڪ ٻئي گم ٿيل شهري جي ماءُ عدالت کي درخواست ڪئي ته منهنجو پٽ واجد حسين 7 سالن کان گم آهي، مهرباني ڪري سندس لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي،گم ٿيل شهري جي ماءُ وڌيڪ چيو ته 50 سال لڳي وڃن ته به عدالت ۾ ايندا رهنداسين،عدالت ايس پي جاچ کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي وفاقي گهرو وزارت کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي،عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










